چوٽياريون

چوٽياريون

چوٽياريون ڊئم

چوٽياريون ڊئم: چوٽياريون ڊئم، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ آبپاشيءَ جي لحاظ کان نارا ڪئنال وانگر وڏي اهميت جو حاصل آهي. سانگهڙ ۾ جُون ۽ جولاءِ جي گرمي پد 40°c يا ڪن حالتن ۾ اڃا به مٿي وڃي ٿو، جڏهن ته هتي سراسري برسات 40 ملي ميٽرن کان 125 ملي ميٽرن تائين پوي ٿي. چوٽياريون بند سانگهڙ شهر کان اوڀر طرف 35 ميل کن پري جمڙائو هيڊ کان به 30 ڪلوميٽر پري، سامونڊي سطح کان 60 ميٽر اوچو هٿرادو پاڻي گڏ ڪرڻ جو بند آهي. جمڙائو هيڊ بابت چيو وڃي ٿو ته اهو هاڪڙي/ سرسوتيءَ جو پيٽ هو ۽ 70 عيسويءَ ۾ ڪن قدرتي سببن جي ڪري سُڪي ويو.
هن بند جي اوڀر ۾ اڇڙي ٿر جون وارياسيون ٽڪريون آهن، جڏهن ته اولهه ۽ ڏکڻ ۾ نارا ڪئنال وهي ٿو. هن بند جي چوڌاري مٺي پاڻيءَ جون ڪيتريون ئي ڍنڍون جهڙوڪ: گن ڍنڍ، واري ڍنڍ، ججور ڍنڍ، ڦليلي ڍنڍ، سرميائو نارو، کوڙ وغيره مشهور آهن. بند جو ترو ڪچي مٽيءَ تي مشتمل آهي. هي بند 2003ع ۾ نارا ڪئنال جي کاٻي ڪناري تي تعمير ڪيو ويو هو. 58 ڪلوميٽرن جي هن ڊئم جو اتر وارو بند 19 ڪلوميٽر، اولهه وارو بند 14 ڪلوميٽر، ڏکڻ وارو بند 16 ڪلوميٽر ۽ ڏکڻ اوڀر وارو بند 9 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. هن بند کي رانتو ڪئنال ذريعي پاڻيءَ سان ڀريو وڃي ٿو، جڏهن ته عمرڪوٽ، ميرپورخاص، کپري ۽ ٽنڊي مٺا خان جي زمينن کي آباديءَ لاءِ هن مان پاڻي ڏنو وڃي ٿو. انهن زمينن کي نارا ڪئنال مان به پاڻي ملي ٿو. نارا ڪئنال ۽ چوٽياريون بند جي سم مان کوڙ ساريون سمون ۽ ڍنڍون ٺهي پيون آهن، جن هتان جي ماحول تي خوشگوار اثر وڌو آهي، جنهنڪري جهنگلي جيوت جي واڌ ويجهه تي وڏو اثر پيو آهي. هتان ملندڙ جهنگلي جيوت جون 203 جنسون ملن ٿيون، جن مان: 32 جنسون ٿڻائتا جانور، 136 جنسون ريڙهيون پائيندڙ جانور ۽ 3 جنسون جيت جڻا آهن. هي بند 58 ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي.
چوٽياريون بند ۾ 0.9 MAF پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش آهي. ٽٽڻ جي صورت ۾ هن بند ۾ جمع پاڻي ڀر وارن 46 ڳوٺن کي ٻوڙي سگهي ٿو، جڏهن ته هڪ ميل اندر ٻوڏ آڻي سگهي ٿو. هن بند ٻڌجڻ کان پوءِ اٽڪل 45,000 ايڪڙ غير آباد زمين آباد ٿي سگهي ٿي. هن بند کي ٺاهڻ تي هڪ بلين (100 ملين آمريڪي ڊالر) خرچ ٿيو آهي. هن پراجيڪٽ ۾ آئي. ڊي. اي (I.D.A)، اي. ڊي. بي (A.D.B)، اي. ڊي. او (A.D.O) سوس ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن، او. پي. اي. سي (O.P.E.C) سعودي فنڊ فار ڊيولپمينٽ، اسلامڪ ڊيولپمينٽ بئنڪ (I.D.B) ۽ سي. آءِ. ڊي. اي (C.I.D.A) جهڙن ادارن مالي سهڪار ڪيو آهي.


لفظ چوٽياريون ڊئمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو